دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ۾ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي ، دادو شهر جي ڀٽي ڪالوني ۾ پورهيت پير بخش ملاح جا ٻه پٽ 10 سالن جو شهزاد علي ، 3 سالن جو حسين ملاح فوت ٿي ويا آهن ، فوتي ٻارڙن جي وارثن موجب 3 ڏينهن اڳ ٽن سالن جي پٽ حسين کي تيز بخار ٿيو کيس اسپتال کڻي وياسين ته فوت ٿي ويو، فوت ٿيل پٽ جو تڏو کنيو ته وري ٻئي پٽ 10 سالن جي شهزاد کي تيز بخار ٿيو کيس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کڻي وياسين ، جتان کين پراڻي اسپتال وڃڻ جو چيو ، اتي ٻارن جي وارڊ پهتاسين جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر پٽ کي نه داخل ڪيو نه ٽيسٽون ڪرايون، صرف انجيڪشن ڪري واپس گهر موڪليو، جنهن کان پوء پٽ کي خانگي ڪلينڪ کڻي وياسين جتي ڊرپ لڳائڻ کانپوء فوت ٿي ويو، ٻارڙن جي پيء داهيو آهي ته بر وقت پٽن جو علاج ۽ ٽيسٽون ٿين ها ته شايد انهن جون حياتيون بچي پون ها پر بر وقت علاج نه ٿيڻ ڪري منهنجا ٻئي پٽ فوت ٿي ويا ، منهنجو ته گهر ئي اجڙي ويو آهي. هوڏانهن برساتن ۽ ٻوڏ کان پوء دادو ضلع جي ڪچي ، ڪاڇي توڙي شهرن ۾ پاڻي بيهڻ ۽ گندگي ڦهلجڻ کانپوء مڇرن ۾ اضافو ٿيڻ ڪري مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي ، مليريا ۾ سوين ماڻهون مبتلا ٿي ويا آهن ، جن جون ٽيسٽون پازيٽو اچڻ باوجود صحت کاتي پاران ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو نه مليريا کي روڪڻ لاء اسپري وغيره ڪرايو ويو آهي
پهرئين پٽ بعد ڊاڪٽر پهتا پر ٻئي پٽ جو علاج نه ڪيو
دادو: پورهيت پير بخش جي 3 سالن جو پٽ حسين فوت ٿيڻ تي مختلف بيمارين جي ويڪسينيشن جو انچارج ڊاڪٽر احسان پنهور ، مليريا ٽيم فوتي ٻار جي گهر پهتي ۽ فوت ٿيل ٻار جي ڀاء شهزاد جون ٽيسٽون پڻ ڪيون پر ٽيم پاران 10 سالن جي شهزاد جون ٽيسٽون پڻ ڪيون پر کيس علاج لاء اسپتال منتقل نه ڪيو نتيجي ۾ 10 سالن جو شهزاد به فوت ٿي ويو ، مختلف بيمارين جي ويڪسينيشن جي انچارج ڊاڪٽر احسان پنهور به تصديق ڪئي ته 3 سالن جي حسين جي فوت ٿيڻ تي ٽيم سميت گهر پهتاسين ۽ شهزاد جون ٽيسٽون ڪيون جنهن کي ڳلي جو انفيڪشن هو جنهن سبب ٻنهي ٻارن جو موت واقع ٿيو آهي، پورهيت پير بخش ملاح چيو ته ٽيم آئي هئي پر انهن به سندن پٽ جو علاج نه ڪيو .
|