دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ انجمن تاجران پاڪستان ضلع دادو پاران دادو شهر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ، ٽرپنگ ۽ واڌو بلن، سيپڪو عملي جي ڏاڍ جبر خلاف دادو ريلوي اسٽيشن ڦاٽڪ کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پر امن احتجاجي ريلي ڪڍي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي امين جمالي ، گل حسن پنهور، غلام نبي لغاري، احمد خان زئور، ممتاز چنه ، اقبال قريشي، عبدالرئوف مستوئي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان واپاري سيپڪو عملي خلاف احتجاج طور پنهنجي پنهنجا دڪان بند ڪري مظاهرو ڪيو آهي هتي بجلي نه هجڻ برابر آهي هتي انڌير نگري آهي بجلي 20 ڪلاڪ گم آهي پر بل هر مهيني هزارين روپيا اچن پيا ، بار بار ٽپنگ ڪرڻ هتي عام ڳالھ بڻجي وئي آهي،بجلي نه هجڻ ڪري ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي جنهن سبب هر واپاري ۽ شهرين سخت پريشان آهي پر سيپڪو دادو جو عملو بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي سيپڪو جا ڪرپٽ ترين ملازمن دادو ۾ مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي بجلي پاڻ چوري ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان رسائڻ سان گڏ شهرين کي پڻ اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هر مهيني ڊڊيڪشن هڻي ڳرا بل موڪلي شهرين ۽ واپارين کي حراسان ڪيو پيو وڃي جنهن سيپڪو انجنيئر ، ايل ايس ۽ اي سي ملوث آهن جن خلاف ڪاروائي ٿيڻ لازمي آهي جن کي هٽائڻ بدران سندس کي ترقي ڏئي دادو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي،مظاهرين وفاقي وزير بجلي ۽ وفاقي سيڪريٽري بجلي ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته دادو سيپڪو جي ڪرپٽ ترين عملي کي هٽائي شهرين سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن طور مرحلي واري احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.