دادو ( رپورٽر ) سيپڪو عملدارن پاران بجلي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن ڪري هزارين ڪنيڪشن ڪاٽڻ باوجود پريس ڪلب سامهون ڪچهري روڊ، گرڊ اسٽيشن ڪالوني، ذوالفقار ڪالوني، موندر ناڪو، غريب آباد، ملاح چوڪ، نجم ڪالوني، شاھ جهان پارڪ سامهون سومر ڪالوني سميت 12 کاب وڌيڪ پاڙن ۽ ڪالونين جا ٽرانسفارمر اوور لوڊ ٿيڻ ڪري ڌماڪا ڏئي سڙي ويا آهن، سيپڪو عملدارن پاران سڙيل ٽرانسفارمر ٺهرائڻ لاءِ هڪ هڪ گهر ۽ دوڪان مالڪ کان هڪ هڪ هزار روپيا وصولي ڪري لکين روپيا ڪمائڻ باوجود سڙيل ٽرانسفارمر ناهن ٺهرايا جنهن سبب مذڪوره پاڙن ۽ ڪالونين ٻن ٽن ڏينهن کان مسلسل بجلي بند هئڻ ڪري سوين خاندان جي گهرن مان پاڻي ختم ٿي ويو آهي ۽ ماڻهون بجلي نه هئڻ ڪري پنهنجن گهرن کي تالا هڻي مٽن مائٽن ڏانهن هليا ويا آهن.