دادو ( رپورٽر ) وومين پروٽيڪشن سيل پوليس پاران ڳوٺ جان محمد خشڪ مان بازياب ڪرايل خالده ڌيء مبارڪ لغاري کي 16 ڏينهن تائين هٿيارن جي زور تي ناحق بند رکي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ، وومين پروٽيڪشن پوليس خالده کي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، خالده لغاري عدالت ۾ 164 بيان ڏنو آهي ته مڙس ظفر عرف پپو لغاري دوکي سان سيوهڻ وٺي آيو جتي هن کيس حيدر خشڪ جي معرفت مور خشڪ کي وڪرو ڪري کسڪي هليو ويو ۽ حيدر ۽ مور وارا مونکي حيدرآباد نيڻ جي بهاني دادو جي ڳوٺ جان محمد خشڪ ۾ ناحق بند رکي مور خشڪ ، سندس سڳي ڀاء جهنڊو خشڪ ، حيدر خشڪ سميت 4 ڄڻن هڪ جڳھ ۾ بند ڪري زبردستي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ۽ مسلسل 16 ڏينهن تائين ظلم ۽ زيادتي ڪندا رهيا ، مٿس تشدد ڪيو ويندو هو ، ڀڄڻ يا دانهن ڪرڻ جي صورت کيس قتل ڪري لاش پوري ڇڏڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندا هئا ، انهيء دوران گرفتار ڪيل مور خشڪ جي وڪيل پاران خالده سان مور جو نڪاح نامو عدالت ۾ پيش ڪيو ، جنهن تي خالده عدالت کي ٻڌايو نڪاح نامو جعلي آهي ، مولوي ، شاهد ، هنن جا پنهنجا آهن ، هوء ماء پيء سان وڃڻ چاهي ٿي ، عدالت اهڙي بيان کانپوء خالده کي ماء پيء حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن خالده لغاري پاڻ سان ٿيل وارتا جي ايف آء آر داخل ڪرائڻ چاهي ته داخل ڪئي وڃي ، پوليس خالده کي مچلڪن عيوض ضمانت وٺي ماء پيء حوالي ڪيو آهي .