دادو ۾ اگھه چڪاسڻ لاءِ آيل اي سي کي دڪاندارن گھيري ورتو، ڌمڪيون، اهلڪارن کي ڪٽڪو

0
21
دادو ۾ اگھه چڪاسڻ لاءِ آيل اي سي کي دڪاندارن گھيري ورتو، ڌمڪيون، اهلڪارن کي ڪٽڪو
دادو ۾ اگھه چڪاسڻ لاءِ آيل اي سي کي دڪاندارن گھيري ورتو، ڌمڪيون، اهلڪارن کي ڪٽڪو

دادو(رپورٽر) دادو سبزي منڊي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله وڳڻ، اينٽي انڪروچمينٽ اهلڪارن سان گڏ سبزي منڊي ۾ فروٽ ۽ سبزي جي واپارين تي اوچتو ڇاپو هڻي اگھه معلوم ڪيا، واپارين پاران فروٽ ۽ سبزي جا اگھه ٻڌائڻ کان جواب ڏيڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر کبڙ تي 20 هزار ، عبدالله ۽ شير محمد تي 10/10 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ، ڏنڊ ڏيڻ کان انڪار تي ٽنهي واپارين کي گرفتار ڪري موبائيل ۾ ويهاريو ويو ته، سبزي منڊي وڏي انگ ۾ واپارين اسسٽنٽ ڪمشنر جو گهيراءُ ڪيو ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي اهلڪار عبدالحفيظ هنڱورو تي وحشياڻو تشدد ڪري سندس وردي ڦاڙي ڇڏي ۽ گرفتار ڪيل واپارين کي پوليس موبائيل مان لاهي ورتو ۽ اسٽنٽ ڪمشنر کي ڌمڪيون ڏنيون ته آئينده هو سبزي منڊي آيو ته سندس حشر وڌيڪ خراب ڪيو ويندو ، اهڙي واقعي بعد اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله وڳڻ ايس ايس پي دادو آڏو اهڙي شڪايت ڪرڻ کانپوءِ ايس ايس پي جي حڪم تي اي سيڪشن ٿاڻي تي اينٽي انڪروچمينٽ جي اهلڪار عبدالحفيظ هنڱورو جي فرياد تي سبزي منڊي جي واپاري زاهد کوسو ، شيرل کوکر ، يوسف زئونر ۽ شمن پنهور سميت 10 ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاء ، مارڻ جي ارادي سان تشدد ڪرڻ ۽ پسٽل تاڙڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ، اهڙي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

سبزي منڊي جي دلالن تي واڌو اگھه وٺڻ جون شڪايتون مليون هيون: اي سي

دادو: اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله وڳڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهر ۾ فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪندڙ ريڙهن وارن شڪايت ڪئي ته سبزي منڊي جا دلال کين وڌيڪ اگھه تي فروٽ ۽ سبزي ڏين ٿا، اهڙي شڪايت تي سبزي منڊي پهچي واپارين کان پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي جي رولز تحت ريٽ پڇا ڪيا ته واپارين ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ، ڏنڊ وجهڻ تي هنن ڏنڊ ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو جنهن واپارين سندن گهيراءُ ڪري اينٽي انڪروچمنٽ جي اهلڪارن تي تشدد ڪيو ڪري سندن ورديون ڦاڙي ڇڏيون ۽ کين موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن، ملوث واپارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ، يوسف زئونر ، شمن پنهور ۽ ٻين واپارين جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر اچڻ شرط ڏنڊ وجهي واپارين کي حراست ۾ ورتو، جنهن تي اسان احتجاج ڪيو آهي، سندن خلاف داخل ايف آءِ آر واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ هڙتال ڪئي ويندي ۽ فروٽ ۽ سبزي جي سپلاءِ بند رکي ويندي.