دادو (رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي دادو ۾ ايڪتا جا رنگ نکري پيا آهن، دادو جي بي ايڊ آر ڪالوني ۾ ۽ وزير آباد پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، شاگرد، شاگردياڻيون سنڌي ٽوپيون، اجرڪ پائي ثقافتي رنگن سان رنگجي ويا، رٿيل تقريبن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ قومي گيتن تي جهومريون هڻي ناچ ڪوڏ ڪندا رهيا، تقريبن دوران نصير لنڊ ۽ ٻين استادن توڙي شاگردن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي اڄ ايڪتا عيد ڀرپور نموني سان ملهائينداسين ۽ اسڪولن مان ريليون ڪڍي مک تقريب ۾ شرڪت ڪنداسين، ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت پاران ايڪتا مشاعري جي تقريب ٿي جنهن ۾ رجب آزاد سولنگي، عاشق دادوي، عمران سومرو، راحب جمالي ۽ ٻين پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪري داد حاصل ڪيو ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو ايڪتا عيد جي سرواڻ محمد علي قاضي جا شڪر گذار جنهن سنڌ جي ثقافت ۽ ڪلچر کي زنده ڪيو ۽ اسان کي هي ڏينهن ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي.