دادو(رپورٽر ) دادو ڀرسان 3 هفتا اڳ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن منٺار لغاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اشرف لغاري، نياز حسين پنهور، ايس يو پي اڳواڻ سڪندر سوڍر، درياء خان لغاري ۽ جيئي سنڌ محاذ جي اياز سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٻرڙا شاخ وٽ دادو – ڄامشورو انڊس هاء وي تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪئي وئي. وارثن دانهيو ته واقعي کي 3 هفتا گذرڻ باوجود پوليس مک عزيز کوسو سميت 3 جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري ، بي سيڪشن پوليس جوابدارن کان وڏي رقم وٺي کين بچائڻ چاهي ٿي جيسيتائين بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او مشتاق عالماڻي کي هٽائي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو ، ڊي ايس پي سلطان چانڊيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون، وارثن ڊي ايس پي کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، بعد ۾ ڊي آء جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو پاران مقتول جي وارثن سان رابطو ڪري بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽائڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوء وارثن پاران ڌرڻو ختم ڪندي چتاء ڏنو آهي ته ايس ايڇ او بي سيڪشن کي هٽائي ملوث جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا ، ٻئي طرف ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو ، دادو کان ڪراچي ، ڄامشورو ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ٽرڪون ، ٽرالر قطارن ۾ بيهي ويا.