دادو(رپورٽر) دادو شهر جي ماروي ڪالوني ۾ گهر اندر مبينا طور پستول جي گولي لڳڻ سبب ٻارهين درجي جي شاگردياڻي فوت ٿي وئي. نجمه ڌيءُ شاهنواز سولنگي کي پراسرار گولي لڳڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال آندو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ شاگردياڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال نيو پئي ويو ته هوءَ رستي ۾ ئي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي وئي. شاگردياڻيءَ جو لاش پوسٽ ماٽم لاءِ ڊي ايچ ڪيو اسپتال آندو ويو ، جتان پوسٽ ماٽم کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ماروي ڪالوني گهر کڻائي پهتا ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. شاگردياڻيءَ جي وارثن پاران واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو پيو وڃي. شاگردياڻيءَ جي پيءُ شاهنواز سولنگي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي بيان ڏنو آهي ته گهر جي ڪم ڪار تان ڌيءُ کي دڙڪا ڏنا جنهن تان هن ڪاوڙ ۾ اچي گهر ۾ پيل پستول کڻي پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو انت آندو آهي. اي سيڪشن پوليس موجب شاگردياڻي کي گهر ۾ اندر گولي لڳي آهي، واقعي ۾ استعمال ٿيل پستول تحويل ۾ ورتو آهي ، جنهن جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪرائي ويندي ۽ واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي ويندي. ٻئي طرف پوسٽ ماٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي نجمه کي سيني ۾ ملائي گولي لڳل آهي، سندس جسم تي تشدد وغيره جا نشان ناهن مليا.