دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو بي سيڪشن پوليس انساني اسمگلنگ جي اطلاع تي باءِ پاس ڀرسان ڇاپو هڻي پنجاب کان نوجوان ڇوڪريون آڻي وڪرو ڪندڙ گروھه جي 2 ڄڻن دادو جي ڳوٺ اسماعيل ڀٽو واسي سليم پٽ علي نواز ڀٽو ۽ پنجاب جي ملتان واسي سرفراز راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ۽ پوليس سندن قبضي مان ملتان جي رهواسڻ 24 سالن جي ماريه ڌيءِ حبيب الرحمان جٽ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، ڇاپي دوران عورتون وڪرو ڪندڙ گروھه جا 3 ڄڻا موقعي تان ڀڄي ويا آهن، بي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آءِ منظور احمد پنهور جي فرياد تي انساني اسمگلنگ واري قلم 371 اي ۽ 371 بي هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ پوليس ڄاڻايو آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته پنجاب جي مختلف شهرن کان ڇوڪريون دادو سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي، ماريه جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار سرفراز رجپوت کيس ملتان مان ورغلائي هت وٺي وڪرو ڪيو آهي، ٻئي طرف موقعي تان ڀڄي ويل جي گرفتاري لاء پوليس پاران ڇاپا هنيا پيا وڃن ، واضح رهي ته پنجاب جي مختلف شهرن مان نوجوان ڇوڪريون آڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪرو جا انڪشاف ٿيا آهن، جن مان اڪثر ڇوڪرين کي جسم فروشي جو ڌنڌو ڪندڙ خريد ڪندا آهن، پنهنجي ڪنهن مرد سان نڪاح ڪرايو ويندو آهي، ڪجھه مهينا اڳ پڻ دادو ۾ مختلف وقتن تي 4 ڇوڪريون ڀڄي وومين پروٽيڪشن سيل پهتيون ۽ عدالت جي حڪم تي پنهنجن مائٽن حوالي ڪيون ويون، مائٽن حوالي ڪيل عورتن جو به اهو چوڻ هو کين دوکي سان وڪرو ڪري جسم فروشي جو ڌنڌو ڪرايو وڃي ٿو.