دادو ( رپورٽر ) دادو جي تاريخي پراڻي ليڊي گراهم سول اسپتال مان گائني وارڊ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪرڻ سبب ڪالھ هڪ ٻي عورت دادو شهر جي ڪچهري روڊ وٽ ميونسپل آفيس جي گيٽ سامهون ايمبولنس ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ جو واقعو پيش آيو آهي ، پاٽ شريف ڀرسان ڳوٺ بھرام جي رھواسڻ مسمات تسليم زال جنسار کي ڊيلوري لاءِ ايمبولنس ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو پئي ويو ته ڪچهري روڊ تي واٽر سپلاءِ لائين وڇائڻ کڏا کوٽڻ سبب ٽريفڪ جام هئڻ ڪري عورت شديد تڪليف کانپوءِ نيو چوڪ وٽ ميونسپل آفيس جي گيٽ آڏو ايمبولنس ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ تي ايمبولنس کي روڪي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيڻ بجاءِ پراڻي ليڊي گراهم سول اسپتال جي ليبر روم نيو ويو ، عورت جي وارثن پاران عورت جا ڦوٽيجز ڪرڻ کان روڪيو ويو ، جڏهن ته ايمبولنس کي ايمرجنسي ۾ ميونسپل گيٽ کان واپس ڪرڻ جا ڦوٽيجز وائرل ڪرڻ سبب ڊي سي دادو ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، 10 ڏينهن اڳ زرينا زال ديدار سينيما چوڪ وٽ ٽريفڪ جام هئڻ ڪري سئنيما چوڪ وٽ چنگچي رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو هو.
عورت پاران ايمبولينس ۾ ٻار ڄڻڻ جي وڊيو وائرل، ڊي سي ۽ ڊي ايچ او تي ڇتي تنقيد
دادو: دادو شهر جي نيو چوڪ وٽ ميونسپل آفيس جي گيٽ سامهون عورت پاران ايمبولنس ۾ ٻار کي جنم جا ڦوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ته عوامي فورم پاران هنيل ڌرڻو ختم ڪرائڻ دوران ڊي سي دادو سوين ماڻهن جي ڌرڻي ۾ دعوا ڪئي هئي ته ليڊي گراهم سول اسپتال ۾ سڀ سهولتون موجود آهن، ته پوءِ ڊي سي دادو ٻڌائي ته سندس واعدي کانپوءِ 10 ڏينهن ۾ ٻن عورتن ٽريفڪ جام هئڻ ڪري چوڪن تي ٻارن کي جنم ڪئين ڏنو آهي.