دادو(رپورٽر ) دادو ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس فيز 5 ۾ مبينا پئسن عيوض 33 مارڪون رکندڙ کي اضافي مارڪون ڏئي آفر آڊر ڏيڻ خلاف جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي او دادو خلاف سخت نعريبازي ڪئي، دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تنوير شيخ ، اسلم ڀنڊ ، اياز شيخ ، شيراز قريشي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته دادو تعلقي ۾ ويٽنگ سيٽون هجڻ باوجود دادو ڊي اي او پرائمري ۽ ٽي اي او پرائمري اسان کي پنهنجو حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان ميرٽ تي ٽيسٽ ڏئي پاس ٿيا آهيون 6 کان مٿي سيٽ خالي پيل آهن، پر فيز 5 جي ڀرتي ۾ ڊي اي او ۽ سندس عملي  فيل ٿيل ماڻهن کان پيسا وٺي سندن کي اضافي ماڻهن کي آفر آڊر ڏنا آهن جن جا ثبوت اسان وٽ موجود آهن، هنن چيو ته لسٽ ۾ 60 ۽ 61 نمبر وارن کي ڇڏي ان کان اڳتي نمبر تي موجود اميدوارن کي رات جي پيٽ ۾ آفر آڊر ڏئي سندن جي ميڊيڪل ۽ ويريفڪيشن ڪرائي سندن کي جوائنگ ڏني پئي وڃي، ڇو ته 33 مارڪون رکندڙ کي لکين روپيا وٺي انهن کي اضافي مارڪون ڏياري سندس کي اهل بنايو ويو آهي. اڳواڻن صوبائي وزير تعليم ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور دادو تعليم کاتي جي فيز 5 تحت جاري ڪيل آفر آڊر ختم ڪري لسٽ موجب اهل اميدوارن کي آفر آڊر ڏئي 600 اهل اميدوارن ۽ انهن جي خاندانن مان بيچني دور ڪئي وڃي، نه ته احتجاج جاري رهندو.