حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ جي آئيني بينچ ۾ تعليم کاتي ضلعي دادو ۾ آءِ بي اي پاس اميدوارن کي آفر آڊر نه ڏيڻ ۽ دادو ضلعي ۾ ڀرتين جو رڪارڊ ظاھر نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري فنانس، ڊائريڪٽر پرائمري حيدرآباد، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ڊسٽرڪٽ دادو، ڊي اي او پرائمري دادو، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر دادو ۽ پروجيڪٽ مئنيجر سيبا آءِ بي سکر کي نوٽيس جاري ڪندي 4 ھفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس يوسف علي سيد ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزنل بينچ ۾ درخواستگذار اياز علي شيخ، مجيب لغاري، ساجد علي، سرفراز علي، فريد احمد، نياز حسين ۽ زين العابدين ميمڻ سميت 70 کان مٿي درخواستگذارن پنھجي وڪيل ايڊووڪيٽ غلام مرتضيٰ شيخ معرفت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته دادو ضلعي جي آءِ بي اي پاس  اميدوارن جون 40 کان مٿي مارڪون آھن پر کين آفر آڊر ناھن ڏنا ويا. ڊسٽرڪٽ دادو ايجوڪيشن آفيسر پاليسي مطابق آفر آڊر جاري ناھن ڪيا ۽ خالي ٿيل جاين جو رڪارڊ پڌرو نه پيو ڪيو وڃي. آءِ بي پاس اميدوارن جن اميدوارن نوڪري جوائن نه ڪئي ۽ ڪيترا نوڪريون ڇڏي ويا ڪيترا رٽائرڊ ٿيا ۽ ايس اين اي ۾ منظور ٿيل 1100 پوسٽن جو اسٽيٽس پڌرو ڪيو وڃي. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن جي ملي ڀڳت سان گھٽ مارڪون کڻندڙ من پسند اميدوارن کي آفر آڊر جاري ڪيا ويا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه فنانس سيڪريٽري کي خط لکي ڊي ڊي او ڪوڊ 190 تي منظور ٿيل 1100 تعليم کاتي جي نوڪرين جا آفر آرڊر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. آءِ بي پاس اميدوارن لاڳاپيل عدالت جي درخواستن تي آيل سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ سکر جي فيصلن جا حوالا شامل ڪيا جن ۾ آءِ بي اي پاس اميدوارن کي آفر آڊر ڏيڻ جو حڪم جاري ٿيل آھي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري فنانس ۽ ڊائريڪٽر پرائمري حيدرآباد، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري ڊسٽرڪٽ دادو، ڊي اي او پرائمري دادو، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر دادو، پروجيڪٽ مئنيجر سيبا آءِ بي سکر کي نوٽيس جاري ڪندي 4 ھفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.