دادو (رپورٽر) تعليم کاتي دادو جي ڊي اوز ۽ ٽي اوز پاران خلاف آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو هٿ ۾ پلي ڪارڊ  کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي تعليم کاتي جي آفيسرن خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن اسلم ڀنڊ، محمد جمن ملاح، اياز شيخ، هوش محمد، شاهد، زبير ميمڻ، راشد شاھاڻي ۽ ٻين چيو ته ڊي اي او پرائمري لياقت نائچ ۽ سيڪنڊري ڊي اي او  محمد موسيٰ کوکر پاران دادو تعلقي اندر ميل ۽ فيميل جون 300 کان مٿي سيٽون وڪرو ڪري ڇڏيون آهن جنهن سبب اسان دادو تعلقي جا 40 مارڪون کڻندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استاد پنهنجي حقن خاطر رستن تي احتجاج ڪرڻ ۾ پورا آهيون، مظاهرين چيف سيڪريٽري سنڌ،سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ترين ڊي اي او پرائمري ۽ ڊي اي او سيڪينڊري کي هٽائي ايماندار آفيسر آڻي اسان کي آفر آڊر ڏئي بيچني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪورٽ جو در کڙڪايو ويندو ۽ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.