دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ ڀائي خان لاشاري جي رهواسڻ 13 سال جي صائمه ڌيءُ ملوڪ لاشاري کي پيءُ ۽ پڦيءَ پاران 5 لک ۾ وڪرو ڪرڻ واري واقعي جو دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ گناھ نمبر 260/23 قلم (1) 5 , 6 , 5 , 4 سنڌ چائلڊ ايڪٽ تحت 13 سال جي صائمه کي پاليندڙن پاران 5 لک رپين ۾ وڏي عمر جي ڪمال پٽ حسين جمالي کي وڪرو ڪري شادي ڪرائي ڏيڻ تي گهوٽ ڪمال سندس پيءُ حسين جمالي ، صائمه کي پاليندڙ ٻڍو لاشاري ۽ سندس زال سعيده ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي غلام مرتضيٰ ڏاوڇ خلاف داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ نامزد جوابدارن گهوٽ، سندس پيءُ ۽ نينگري صائمه جي پالنا ڪندڙ زال، مڙس کي گرفتار ڪيو. پوليس داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته صائمه 4 سال جي هئي ته سندس ماءُ فوت ٿي وئي ۽ پيءُ ملوڪ لاشاري ڌيءُ کي پالنا لاءِ ويڳي ڀيڻ سعيده ۽ سندس مڙس ٻڍل لاشاري حوالي ڪيو هو، جن لالچ ۾ اچي صائمه کي وڪرو ڪري وڏي عمر جي ڪمال سان زبردستي ڪرائي.اي سيڪشن پوليس گرفتار گهوٽ ڪمال سندس پيءُ غلام حسين جمالي، صائمه جي پالنا ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ ٻڍل لاشاري، سندس زال سعيده ۽ مولوي غلامه مرتضيٰ شاھ کي فرسٽ سول جج عرفان الله ڦل جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت گهوٽ جي پيءُ غلام حسين جمالي، مولوي غلام مرتضيٰ ڏاوڇ ۽ وڪرو ڪندڙ ٻڍل لاشاري کي جيل ڪسٽڊي ۽ وڪرو ڪندڙ مسمات سعيده لاشاري کي وومين جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ صائمه کي ضمانت تي پيءُ يا ڪنهن عزيز حوالي ڪيو وڃي