دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميا ۽ عوامي فورم جي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ کانپوء ٻئي ڏينهن تي پڻ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڊاڪٽرس ۽ اسٽاف پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر احسان پنهور ، ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي ، عتيق الرحمان جانوري ۽ ڊاڪٽر طاهره آريجو جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرس ۽ اسٽاف جي ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي او پي ڊي سامهون مظاهرو ڪيو آهي ، ڊاڪٽرس پاران ڀڃ ڊاھ ڪندڙن جي گرفتاري لاء نعري بازي ڪئي وئي ، ڊاڪٽرن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گائني وارڊ ۾ هنگامو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ سٺو عمل ناهي ، مٿان وري ايم ايس ڊاڪٽر امجد مستوئي کي موتمار ۽ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، اسان موبائيل نمبر ٽريسنگ جي ايس ايس پي دادو کي ڏنا آهن ، پوليس به هن وقت تائين ڀڃ ڊاھ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي نه ٿي جنهن سبب اسان ڊاڪٽر عدم تحفظ جو شڪار آهيون ، جيسيتائين ڊاڪٽرس ۽ اسٽاف کي تحفظ ڏئي ڀڃ ڊاھ ڪندڙن کي گرفتار ڪري انصاف نه ڪيو ويندو تيسيتائين ٽوڪن هڙتال جو سلسلو جاري رهندو ، او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب ٻئي ڏينهن تي دادو ضلع جي دادو ، جوهي ، ڪي اين شاھ ۽ ٻين شهرن جي ڏوانهن علائقن کان آيل مريض 3 ڪلاڪن تائين ڊاڪٽرن جو انتظار ڪندا رهيا ، جنهن کانپوء سندن علاج ڪيو ويو