دادو (رپورٽر ) دادو ڀرسان ڇنڊڻ موري لڳ ڳوٺ جيئندو خان گاڏھي جي رھواسي پورھيت ممتاز گاڏھي جو ٻن سالن جو پٽ حسنين جي ڄنگهه ۽ ٻانهن 3 هنڌان ڀڄي پوڻ سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي ، شديد تڪليف سبب نينگر اذيت سبب زارو قطار روئڻ تي مجبور آهي ، پورهيت ممتاز گاڏهي پٽ کي کڻي پريس ڪلب پهچي پٽ جو علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، ان موقعي تي ڳوٺاڻي  چيو ته گڏھ گاڏو هلائي ٻچا پاليندو آهيان ، پٽ جي ڄنگهه ۽ ٻانهن 3 هنڌان ڀڄي پئي آهي ، گهر جو الهه تلهه وڪڻي علاج ڪرايو پر اڃا کيس فائدو ناهي ٿيو ،دادو اسپتال وارن حيدرآباد مان علاج ڪرائڻ جو چيو آهي ، مون وٽ ڪجهه به ناهي بچيو ، خدا جي واسطي پٽ جو علاج ڪرائي کيس معذور ٿيڻ کان بچايو وڃي .