دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو جي ڪچي واري علائقي سعيدپورٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 14 سالن جي نينگر حسنين پٽ عبدالرزاق ميڻو جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي ، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي وارثن پهچي نينگر جي سڃاڻپ ڪئي ، سعيدپور پوليس نينگر جو لاش پوسٽ ماٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو پهچايو ، نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، جيڪي لاش کڻائي رڪڻ ڀرسان ڳوٺ احمد خان ميڻو گهر پهتا ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي .

نينگر کي تيز ڌار واري ڇريءَ سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي: ڊاڪٽر

دادو:  نينگر جي لاش جو پوسٽ ماٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب نينگر کي تيز ڌار واري ڇريءَ سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي ، ڊي ايس پي سلطان احمد چانڊيو واقعي بابت ٻڌايو ته نينگر جا وارث رڪڻ ڀرسان ڳوٺ احمد خان ميڻو جا رهواسي آهن ، نينگر 24 ڪلاڪن کان گم هو ، نامعلوم جوابدارن نينگر کي بيرحمي سان ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ڪچي جي ٿاڻي سعيدپور ٿاڻي جي حد ۾ جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ويا آهن ، 48 ڪلاڪن اندر ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو