دادو(رپورٽر ) دادو ڀرسان ڦڪا بنيادي صحت مرڪز ۾ عورت پاران هڪ ئي وقت ٽن ٻارن کي جنم ڏنو آهي ، ڊاڪٽرز عورت ۽ ٻارن کي صحتمند قرار ڏنو آهي ، ڪي اين شاھ تعلقي جي خانپور جوڻيجو لڳ ٻيلو پتڻ جي رهواسڻ هڪ گڙدو رکندڙ فاطمه زال نعمت الله ڀٽو کي ڊليوري جي تڪليف ٿيڻ بنيادي صحت مرڪز ڦڪا ۾ داخل ڪيو ، جتي سندس سيزر ڪيو ويو ، جنهن بعد عورت کي 3 نياڻيون ڄائيون آهن ، ڊاڪٽر سلمان جمالي ٻڌايو ته مختلف اسپتالن مان جواب ملڻ کانپوءِ فاطمه کي ڦڪا صحت مرڪز ۾ داخل ڪيو ويو،جتي سندس سيزر ڪيو ۽ 3 نياڻيون ڄائيون آهن ، ماءَ ۽ ٽنهي نياڻين جي صحت ٺيڪ آهي ، ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر صدرا ڀرڳڙي کي گهرائي معائنو ڪرايو ويو آهي،ٻار نارمل ۽ صحت مند آهن.