دادو(رپورٽر) دادو ڀرسان ڳوٺ خاصخيلي ۾ سڱاوتي تڪرار تان رٽائرڊ فوجي قاضي احمد واسي منور خاصخيلي ، سڪندر ۽ ٻين سوشل ورڪر عزيز الله خاصخيلي جي گهر تي حملو ڪري ڏنو، عورتون ۽ ٻار دانهون ، رڙيون ڪندا گهرن مان ٻاهر نڪتا ته عورتن ۽ ٻارن تي لٺين ، لتن ، مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪري پيرسن نازي ۽ ثمينا کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ، تشدد دوران عورتن ۽ معصوم ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ، بعد ۾ ڳوٺاڻن عورتن کي بچائي کين زخمي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ داخل ڪيو آهي ، سوشل ورڪر عزيز الله خاصخيلي دانهيو آهي ته معمولي ڳالھ تان رٽائرڊ فوجي منهنجي ماء نازي ۽ زال ثمينا تي تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي ، ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي