دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيداڻڪو پوٺو ۾ ٻارن جي  ڳالهه تان سئوٽن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 19 سال جو سجاد پٽ محمد پنهور قتل ٿي ويو، جڏهن ته 15 سال جي بصران زخمي ٿي پئي، زخمي ناري کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، نوجوان جو لاش دادو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.  اطلاع تي پوليس سول اسپتال پهچي واقعي ۾ ملوث جوابدار شاهنواز پنهور کي گرفتار ڪري ورتو. پوسٽ مارٽم کانپوءِ نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ هو ته مقتول ساجد ۽ جوابدار پاڻ ۾ سئوٽ آهن، ٻارن جي ڳالهه تان منهن ماري کانپوءِ جهيڙو ٿيو، شاهنواز جذبات ۾ اچي پسٽل جا فائر ڪيا، هڪ گولي مقتول کي مٿي ۾ لڳي ۽ سندس موت واقع ٿيو آهي ، ٻئي طرف گرفتار ڪيل شاهنواز پنهور جي نشاندهي تي پوليس واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل هٿ ڪري ورتو آهي ، جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته ساجد سوئٽ آهي ، گڏ رهندا آهيون ، ٻارن جي ڳالھ تان گهر ۾ جهيڙو ٿيو ، جذبات ۾ پسٽل کڻي فائر ڪيو جنهن ۾ ساجد قتل ٿي ويو آهي.