دادو(رپورٽر) دادو ۾ اين سي ايچ ڊي استادن جي پگهارن جي معاملي تان ٽي او فيميل سرهاڻ ميمڻ ۽ پ ٽ الف اڳواڻن ۾ منهن ماري بعد ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ، ٽي او آفيس تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ تي ٽي او فيميل سرهاڻ ميمڻ جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي پ ٽ الف تعلقه دادو جي اڳواڻن شمشاد جتوئي ، عبالوحيد پنهور ۽ 5 نامعلوم خلاف حملو ڪرڻ ، ڀڃ ڊاھ ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ ، ڊيوٽي اٽڪاءَ قلمن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ، داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ٽي او فيميل سرهاڻ ميمڻ ڄاڻايو آهي ته مٿين اڳواڻن اين سي ايڇ ڊي ٽيچر پارس سولنگي جو بل صحيح لاءِ ڪرڻ لاءِ ڌڪا ، ٿيلها ڏئي تذليل ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏئي ويا ۽ ڪجهه دير کان پوءِ لوهي سريا کڻي اچي مونکي هنيا ته مان ڪرسي کان هيٺ ڪري پيس بعد ۾ لوهي سرين سان ٽيبل جا شيشا ٽوڙي ڀڃ ڊاھ ڪئي ، ٻئي طرف پ ٽ الف جي شمشاد جتوئي ، عبدالوحيد پنھور ، امان الله ھنگورو ۽ مختيار پنھور جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ ٽي او فيميل خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا، ان موقعي تي هنن دانهيو آهي ته اين سي ايڇ ڊي استادن کان پگهارن تي رشوت ورتي پئي وڃي ، ٽي او فيميل هر ڪم تي رشوت وٺي ٿي ، رشوت نه ڏيڻ تي استادن جا جائز ڪم به نه ٿي ڪري ، کيس هٽايو وڃي ، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.