حيدرآباد(بيورو رپورٽ) دادو پوليس ڀرتين ۾ انتظامي بيقائدگين جو انڪشاف ٿيو آهي،نوڪرين لاء اهل قرار ڏنل اميدوارن جا تفصيل ظاهر ڪرڻ بنا آفر آڊر جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته ويٽنگ لسٽ ۾ موجود اميدوارن جا تفصيل پڌرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ سنڌ پوليس ڊسٽرڪٽ دادو مارچ 2025 ۾ نوڪرين لاء اهل قرار ڏنل اميدواران جا تفصيل جاري ڪرڻ کان سواء آفر آڊر جاري ڪري ڇڏيا آھن جڏهن آفر آڊر واري لسٽ ۾ اميدوارن جي مارڪن ۽ اهليت کي ظاهر نه ڪيو ويو آھي جنهن سبب پوليس کاتي ۾ نوڪرين لاءِ اهل قرار ڏنل اميدوارن بابت شڪ ۽ شبا جنم وٺڻ لڳا. دادو پوليس کاتي نوڪرين لاء اهل قرار ڏنل اميدوارن جون مارڪون ۽ تعليمي قابليت کي ته لڪايو ويو پر ساڳي جائي تي ويٽنگ لسٽ ۾ شامل اميدوارن جون مارڪون ۽ اهليت کي ظاهر ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ سيتا جي رهواسي ۽ پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل جي نوڪري لاء ٽيسٽ پاس ڪندڙ ۽ مجموعي طور 93 مارڪون کڻندڙ نوڪري کان محروم ياسر سولنگي ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون آفر آڊر نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته دادو پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل جي نوڪري لاء ورتل هر ٽيسٽ ۾ سٺيون مارڪون کڻڻ باوجود مونکي نوڪري کان محروم رکيو ويو آھي. رننگ ٽيسٽ ۾ 4ٿون نمبر،رٽن ٽيسٽ ۾67مارڪون ۽ انٽر وويو ۾ 26 مارڪون کنيون آھن ان باوجود سندس نالو ويٽنگ لسٽ ۾ شامل ڪري سمورا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آھن جڏهن ته جن اميدوارن کي آفر آرڊ ڏنا ويا آھن انهن جا ڪي به تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آھن جنهن سبب خدشو پيدا ٿي ويو آھي دادو پوليس ڀرٿين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آھي.هن چيو ته پڙھيل هجڻ بوجود موبائل فون جون سمون وڪرو ڪري گهر جو گذرسفر ڪندو آھيا جڏهن سرڪاري نوڪري لاء پوليس کاتي ۾ درخواست ڏني جتي سندس سان ناانصافي ٿي آھي.هن چيو ته تازو حيدرآباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ شريڪ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ڪنهن به نه ٻڌي.هن چيو ته دادو پوليس کاتي پاران جاري ڪيل نوڪرين جي آڊرن تي کيس شڪ آھي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي پنهنجا نواز پاليسي ۽ پيسئن عيوض نوڪرين جا آڊر جاري ڪيا ويا آھن.هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي دادو پوليس کاتي ۾ تازو ٿيل ڀرتين جي فوري جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪانسٽيبل لاء اهل قرار ڏئي آفر آڊرن خلاف درخواست به داخل ڪرائينداسين.