حيدرآباد(بيورو رپورٽ) دادو پوليس معذور پورهيت جو ضبط ڪيل ،چوپايو مال،روڪ رقم سوڌو قيمتي سامان واپس نه ڪيو، آئي جي سنڌ به نوٽس نه ورتو، ڳوٺاڻي جو حيدرآباد ۾ احتجاج.دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ تاجپور جي رهواسي معذور سليم رضالغاري پوليس زياتين خلاف ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو.هن الزام ھڻندي چيو ته 26مارچ2025 تي دادو جي بي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او مشتاق عالماڻي پوليس پارٽي جعمدار شادي خان پنهور، گلزار قمبراڻي، راشدجمالي ۽ ٻين سان گڏ گهر تي ناحق چڙھائي ڪري گهر مان 12 ٻڪريون،7 ڇيلا،25 هزارروڪ، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري کيس گرفتار ڪري ويو ۽ 35هزار رشوت وٺي آزاد ڪيو جڏهن ته گهر مان ڦرلٽ چوپا يومال، رقم، موٽرسائيڪل واپس نه ڪئي جڏهن ته ڦر ڪيل سامان ۽ رقم جي واپسي جي گهر ڪئي ته ايس ايڇ او ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ فل فرائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي.هن چيو ته مان هڪ ڄنگھ کان معذور آھيا ٻڪريون ڌاري پيٽ گذرسفر ڪندو آھيان.هن چيو ته ڊي آئي جي آفيس حيدرآباد پوليس عملدارن ڊي آئي جي سان ملڻ نه ڏنو جڏهن ايس ايڇ او مشتاق عالماڻي ۽ ٻين اهلڪارن جي ظلم ۽ ڦرلٽ خلاف آئي جي سنڌ کي ڪراچي ۾ درخواست ڏئي آيو آھيان.هن چيف جسسٽس هائي ڪورٽ،آئي جي سنڌ پوليس سوڌو وس وارن کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽس وٺي پوليس پاران ڦرڪيل روڪ رقم، ٻڪريون، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي