دادو ( رپورٽر ) دادو اي سيڪشن پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻي کي ڄنگھ ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي ، زخمي ٿيل کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، اي سيڪشن پوليس دعوي ڪئي آهي ته دادو ، سيوهڻ روڊ تي آءِ بي اي ڪاليج ڀرسان ڏوھ جي ارادي سان بيٺل 3 ، هٿياربندن گشت ڪندڙ پوليس موبائيل کي ڏسندي فائرنگ ڪئي ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ محمد علي خاصخيلي عرف صمد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو آهي ۽ 2 ، هٿياربند اونداهي جو فائدو وٺي موقعي تان ڀڄي ويا آهن ، اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ زخمي هٿياربند سميت 3 ڄڻن خلاف مبينا مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اي سيڪشن پوليس زخمي کي رمانڊ لاءِ سول جج دادو جي عدالت ۾ پيش، عدالت جوابدار کي جيل ڪسٽڊي حوالي ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن.