ٿرڙي محبت (ن پ ا) هفتو اڳ دادو پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٿرڙي محبت واسي نوجوان وحيد ٻرڙو جي وارثن پوليس جي مقابلي ۾ جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، مقتول نوجوان جي وارثن هٿن ۾  پاڪ ڪتاب ۽ نوجوان جون تصوريون کڻي چانڊيا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي،احتجاج ڪندڙ نوجوان جي ماءُ مسمات ڪرما، ڀاءُ ذاهد ٻرڙو، خادم ٻرڙو، هاشم ٻرڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته دادو پوليس اسان جي نوجوان کي گهران کنڀي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي، نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا، نوجوان کي بااثر ماڻهن جي چرچ تي مخبري ڪري گرفتار ڪرائڻ بعد ماريو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.