دادو ( رپورٽر ) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان پنهور ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن جون 2 الڳ الڳ ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن ، قتل ٿيل نورحسين جمالي جي زال رشيده جي فرياد تي ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي گلزار ، حاجي ، مجيد ، علي اصغر ، ماستر الهڏنو سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، قتل ٿيل علي اصغر پنهور جي ڀاءُ مجيد پنهور جي فرياد تي امان الله جمالي ، ڪمال فقير جمالي ، نور حسين ، روشن سميت 6 ڄڻن خلاف ايف ، آء آر داخل ڪري ورتي آهي ، ٻنهي ڌرين جون ايف آء آر داخل ٿيڻ باوجود ڦلجي اسٽيشن پوليس واقعي ۾ نامزد جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ خوف حراس واري لهر پکڙيل آهي.