دادو پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 5 ڪروڙ جو رد ٿيل ٺيڪو ڳجھه ڳوهه ۾ ڪمپني حوالي، 2 ڪروڙ ايڊوانس ادائيگي

0
24
دادو پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 5 ڪروڙ جو رد ٿيل ٺيڪو ڳجھه ڳوهه ۾ ڪمپني حوالي، 2 ڪروڙ ايڊوانس ادائيگي
دادو پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 5 ڪروڙ جو رد ٿيل ٺيڪو ڳجھه ڳوهه ۾ ڪمپني حوالي، 2 ڪروڙ ايڊوانس ادائيگي

دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) پبلڪ هيلٿ کاتي دادو انوکو ڪارنامو  انجام ڏيندي 5 ڪروڙ رپين جو رد ڪيل ٺيڪو ڳجھه ڳوھه هڪ ڪمپني حوال ڪري 2 ، ڪروڙ ايڊوانس ادائگي ڪري ڇڏي، جون 2024ع ۾ دادو شهر ۽ تعلقي جي آر او پلانٽ تي 5 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سولر پلانٽ لڳائڻ جي اسڪيم آئي هئي، پبلڪ هيلٿ جي اڳوڻي معطل ٿيل انجنيئر عشرت حسين پنهور سيپرا ويب سائيڊ تي اسڪيم ڪينسل،ڪرڻ جو ليٽر رکيو ، ساڳئي انجنيئر ۽ ٽينڊر ڪلرڪ سان ملي ڀڳت ڪري ٺيڪو بااثر جي ڪنسٽريڪشن ڪمپني حوالي ڪيو، پبلڪ هيلٿ انجنيئر عشرت جي معطل ٿيڻ کانپوء لعل ڏنو ديوان ۽ ٽينڊر ڪلرڪ ، ڪنسٽريڪشن ڪمپني کي ورڪارڊ جاري ڪري ٻن ڏينهن اندر آر او پلانٽ تي بنا سولر پلانٽ لڳائڻ جي وڏي ڪميشن عيوض 2 ڪروڙ رپين جي ادائگي به ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايس ڊي او عزيز راهوجو پاران 2 ڪروڙ رپين جو ايڊوانس بل صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته کيس هڪ هفتو اڳ دادو مان هٽرايو ويو ، ٻئي طرف پبلڪ هيلٿ کاتي جي ذريعن ٻڌايو ته 2018ع ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان آر او پلانٽ تي سولر پلانٽ لڳائڻ جي اسڪيم آئي هئي، ان جي باوجود به جون 2024ع ۾ 5 ڪروڙ رپين جي اسڪيم آئي ،  جيڪا ڪينسل ڪري اهڙو ليٽر سيپرا ويب سائيڊ تي رکيو ويو هو ، ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته دادو شهر توڙي دادو تعلقي ۾ 15 کان وڌيڪ آر او پلانٽ مان 8، آر او پلانٽ بند پيل آهن.

ڊرينيج ۽ مٺي پاڻي جي فنڊن ۾ به وڏي پيماني تي بيقاعدگين جو انڪشاف

دادو : پبلڪ هيلٿ کاتي دادو ۾ ڊرينيج ۽ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي فراهمي لاءِ هر سال اڍائي کان 3 ڪروڙ رپين جي فنڊن ۾ وڏي پيماني تي بيقائدگين جا انڪشاف ٿيا آهن، 31 جنوري 2025ع تي پبلڪ هيلٿ دادو جي انجنيئر عشرت حسين پنهور کي 75 لک رپين جو بوگس بل ڪرڻ تي سندس خلاف انڪوائري ويهاري وئي ۽ انڪوائري ۾ 75 لک جو بوگس بل ڪرائڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي کيس معطل ڪيو ويو.