دادو(رپورٽر) پبلڪ هيلٿ کاتي دادو پاران 8 اپريل تي 35 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان 30 ترقياتي اسڪيمن جي ٽنڊرن ۾ مبينا ڪرپشن .من پسند ڪمپنين کي ٺيڪا ايوارڊ ڪرڻ واري عمل جي خلاف ٺيڪيدار فاروق ملڪ جي داخل پٽيسن نمبر 1092 تي سنڌ هاء ڪورٽ سرڪٽ بيئنچ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي جي دوران هاء ڪورٽ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جو انجنيئر عظمت ڦل پيش ٿيو ، جڏهن ته ريڊرسيل ڪاميٽي جو چيئرمين چيف انجنيئر شمس الدين شيخ پيش نه ٿيو ، درخواستگذار جي وڪيل سجاد ڳورڙ عدالت کي دليل ڏيندي چيو ته ٽينڊرن جي اوپننگ جي تاريخ 08.04.2025 تي رکيل هئي انجنيئر پبلڪ هيلٿ عظمت ڦل 20 ڏينهن اڳ منهنجي ڪلائينٽ جي ڪمپني کي ڊسڪاليفاء ڪيو انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئر جي دادو ۾ پوسٽنگ ئي 20.03.2025 تي ٿئي هئي. سيپرا جي قانون تي عمل نه ڪرڻ تي اسان ريڊريسيل ڪاميٽي جي چيئرمين وٽ انجنيئر پبلڪ هيلٿ جي خلاف شڪايت ڪئيسين ته انجنيئر سيپرا جي قانون تي عمل ناهي ڪيو چيئرمين وٽ اسان پنهنجا ثبوت جمع ڪرائڻ سان گڏ پنهنجو بيان رڪاڊ ڪرايو جنهن اسان جي ڏنل ثبوت ۽ بيان کي نظر انداز ڪيو ۽ انجنيئر جي حق ۾ فيصلو ڏنو انجنيئر پبلڪ هيلٿ انهن من پسند ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا جيڪي ڪمپنيون سيپرا جي قانون مطابق اهل نه هيون ۽ سنڌ روينيو بورڊ وٽ رجسٽرڊ ئي نه ٿيل اهن سيپرا جو قانون مطابق جيڪو سنڌ روينيو بورڊ وٽ رجسٽر ناهي انهن جي بڊ کي ڪيسنل ڪيو وڃي ان جي باوجود بهي انهن ڪمپنين کي ڪروڙين روپين جا ٺيڪا ڏنا ويا پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر عظمت ڦل جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته وقت ڏنو وڃي اسان جواب جمع ڪرائينداسين .سنڌ هاء ڪورٽ اسٽي آڊر جاري ڪندي پبلڪ هيلٿ کاتي کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ٻڌڻي آگسٽ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي