دادو (رپورٽر) دادو پوليس جي نجي ٽارچر سيل مان وارثن پاران هٿڪڙين سميت بازياب ڪرايل وسيم شاهاڻي هٿڪڙين سميت  ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته هو ڪپڙو کپائيندو آهي ، سي آءِ اي انچارج دادو شهر مان گرفتار ڪري اکين تي ڪپڙو ٻڌي خانگي جڳھه ۾ بند ڪيو، اهلڪار ان جڳھه ۾ شراب پي تشدد ڪندا هئا، ڪنزيومر ڪورٽ جي جج ذيشان احمد شيخ ، سي آءِ اي انچارج ، اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي ايس ايچاوز کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايچ او طارق کهرو ۽ بي سيڪشن جو اي ايس آءِ محمد صادق عدالت ۾ پيش ٿيا ، سي آءِ اي انچارج عدالت نه  پهتو ، اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن پوليس عدالت کي ٻڌايو ته هنن وسيم شاهاڻي کي گرفتار ناهي ڪيو، نه اسان کي ڪا خبر آهي، نه وسيم شاهاڻي جو اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن تي ڪرمنل رڪارڊ آهي، عدالت جي حڪم تي پوليس وسيم شاهاڻي جون هٿڪڙيون کولرايون ۽ عدالت اي ، بي ٿاڻن جي ايس ايچ او ۽ سي آءِ  اي انچارج کي اڄ سيشن جج دادو جي عدالت ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.