دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان پير شاخ وٽ دادو ڄامشورو انڊس هاء وي تي موٽر سائيڪل کي ڪوسٽر جي ٽڪر ۾ ٽوھ خان ملوکاڻي فوت ٿي ويو آهي ، سندس زال شاهده ۽ 3 نياڻيون راڄل ، عابده ۽ شهربانو زخمي ٿي پيون آهن ، زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ، فوتي ٽوھ خان ملوکائي گاجي شاھ جا رهواسي آهي ، جيڪو زال ۽ معصوم نياڻين سان گڏ دادو کان گاجي شاھ پئي ويا ته سندن موٽر سائيڪل سان ڪوسٽر جو ٽڪر ٿيو آهي ، ڪوسٽر موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد ٽرڪ ۾ وڃي لڳي جنهن ۾ ڪوسٽر سوار سيوهڻ اسپتال جو ملازم اعظم جمالي زخمي ٿي پيو آهي