دادو ( رپورٽر ) دادو هيتم جتوئي ڦاٽڪ ڀرسان دادو ، لاڙڪاڻو انڊس هاء وي تي ڪار ۽ ايل پي جي کڻي ويندڙ مزدا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. علائقي واسين زخمي ۽ فوتين کي دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ آندو جتي 2 فوتين جي سڃاڻپ تپيدار ذوالفقار علي پٽ شمس الدين سومرو ۽ گل محمد جانوري طور ٿي آهي ، ڊرائيور محسن پٽ عمران سولنگي کي نازڪ حالت هجڻ ڪري سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو ، اسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ فاطمه گهلو دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچي 2 فوتين جا لاش قانوني ڪاروائي بعد راڌڻ کڻائي وئي ، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي تپيدار دادو ڊي سي آفيس ۾ ڪم ڪار سان آيل هو جتان ڪم ڪري واپس راڌڻ وڃي رهيو هيو ته سندس گاڏي سان حادثو پيش آيو ، پوليس مزدا گاڏي تحويل ورتي آهي ، ڊرائيور موقعي تان ڀڄي ويو آهي