دادو(رپورٽر) دادو ڀرسان ڊي ايم هوٽل لڳ انڊس هاءِ وي تي 3 هٿياربند ڦورن پاران ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي پسٽل جون گوليون هڻي منٺار لغاري کي زخمي ڪري ڀڄي ويا آهن ، زخمي کي ڊي ايچ ڪيو اسپتال آندو ويو ، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي، جتي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو آهي، ڪامريڊ اشرف لغاري ، غلام نبي لغاري جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن دادو باءِ پاس ٻرڙا شاخ وٽ مقتول جو لاش دادو ، ڄامشورو انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي آهي ، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول منٺار لغاري خدآباد کان ڳوٺ ٻوڪ اچي رهيو هو ته ڊي ايم هوٽل ڀرسان ڦورن کائنس موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي زخمي ڪيو هو ، وارثن چتاء ڏنو آهي ته جيسيتائين واقعي ۾ ملوث هٿياربند ڦورن کي گرفتار نه ڪيو ويندو ، تيسيتائين سندن ڌرڻو جاري رهندو.