دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان اميناڻي لڳ شاخ ۾ وهنجندي اونهي پاڻي ۾ وڃڻ تي 10 سالن جو طاهر پٽ صدورو جسڪاڻي ٻڏي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ نينگر طاهر جسڪاڻي شاخ ۾ غوطا کائي رهيو هو ته اتي موجود ٻارن جي دانهن ۽ رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي نينگر کي شاخ مان ڪڍي بيهوشي جي حالت ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو، جتي ڊاڪٽر پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن تي نينگر جي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ وارث نينگر جو مڙھ ڳوٺ کڻائي ويا آهن.