دادو(رپورٽر) دادو ويجھو شهيد مخدوم بلاول قبرستان ۾ مڙھ دفنائڻ تان ڳکڙ ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار جهيڙو  ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جھيڙي دوران ڌرين هڪ ٻئي تي لٺين ، سروٽن جا استعمال به ڪيا، ڌڪ لڳڻ سبب رحمت الله ڳکڙ ۽ عبدالغفار ڏاوڇ زخمي ٿي پيا. مسجد ۾ نماز پڙهندڙ وچ ۾ پئي ڌرين کي ڇڏائي ورتو ، فائرنگ سبب نمازين ۾ خوف حراس  پکڙجي ويو، ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي.  ٻڌايو پيو وڃي ته پير بخش ڳکڙ فوت ٿيڻ کانپوء مڙھ دفنائڻ لاء قبر کوٽڻ تان منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو . ملڪ برادري جي ماڻهن چيو ته اسان جي مسلي ۾ قبر نه کوٽيو جنهن تان منهن ماريءَ بعد ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.ٻڌايو پيو وڃي ته درگاھ شهيد مخدوم بلاول ۾  ڳکڙ برادري جي نيڪ مرد پير بخش جي لاش کي وارثن پاران تدفين لاء درگاھ شھيد مخدوم بلاول قبرستان تي قبر کوٽائڻ لاء پھتا ته ملڪ برادري جي ماڻھن پاران تدفين جي جاءِ تي اعتراض واريو ويو، جنھن تي ٻنھي ڌرين جا ماڻھون ھڪ ٻئي سان اٽڪي پيا. درگاھ تي موجود پوليس اھلڪار پاران وڌيڪ نفري گهرائي ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ ميت جي تدفين ڪرائي وئي. پوليس الزام هيٺ ملڪ برادري جي 4 ماڻھن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، مخدوم بلاول پوليس موجب ته ميت جي تدفين ۾ هل هنگامو ڪندڙ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي . پوليس موجودگي ۾ ميت جي تدفين ڪرائي وئي آهي ڪنهن کي قانون کئڻ نه ڏيبو ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ،