دادو(رپورٽر ) عدالتي حڪم تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس دادو ڀرسان ڳوٺ مراد آباد ۾ چنو ۾ فارم هائوس تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل نوجوان جمشيد چنو کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، بازياب ٿيل نوجوان جي امڙ ارشاد بيگم پاران دادو سيشن جي عدالت ۾ شهزاد چنو خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته هن سندس پٽ کي ناحق باندي بڻائي رکيو آهي، جنهن جي زندگي خطري ۾ آهي، اهڙي درخواست تي عدالت جي حڪم تي ڪارروائي جمشيد کي آزاد ڪرايو آهي، جنهن کي اي سيڪشن پوليس اڄ عدالت ۾ پيش ڪندي، اي سيڪشن پوليس موجب معاملو ڏيتي، ليتي جو آهي.