دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ مينهون خان ڀنڊ ڀرسان موٽر سائيڪل سوار 3 هٿياربند فراز ڀنڊ کان سي ڊي 70 موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا آهن، پوليس هٿياربندن جا پيرا کڻي ڳوٺ ڀاڳت لنڊ ۾ هنيا، پوليس ۽ هٿياربندن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ دادو مان پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي، پوليس ڳوٺ جو ڪڙو چاڙهي تلاشي بعد 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري 3 موٽر سائيڪلون پڻ تحويل ۾ ورتيون آهن، پوليس موجب ڪجھ هٿيارن سان مسلح ماڻهون ڀڄي ويا آهن، پوليس گرفتار ڪيلن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا.