دادو(رپورٽر) دادو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين تڪرار تان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ رستم ۽ ساجن چانڊيو وارن جون 3 مينهون گوليون لڳڻ سبب مارجي ويون آهن ، رستم ۽ ساجن چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ داهيو آهي ته اڪبر چانڊيو ڌر جي ھٿياربندن ، رستم چانڊيو جي گھرن تي چڙھائي ۽ فائرنگ ڪري 3 مينهون ماري ڇڏيون ، اڪبر چانڊيو جي ڌر مسلسل ھڪ مھيني کان گھرن تي ڪاھ ڪري زمين تي بيٺل ٽريڪٽر قبضي ۾ وٺي سليم چانڊيو کان ڊيزل جي ڀريل ڊرمن سميت موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا آهن ، بار بار اطلاع باوجود پوليس جاءِ واردات تي نه ٿي اچي ، ھنن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جلد ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري وڌيڪ جاني مالي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي ، فائرنگ سبب علائقي م سخت خوف ۽ حراس واري لهر ڇانيل آهي.