دادو(رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ ناڙيوال لنڊ مان شادي شده ناري وسيمه زال شهباز لنڊ کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو آهي، ناري جي وارثن پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي نويد لنڊ، سندس پيءُ محمد نواز لنڊ ۽ ٻين خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پوليس الزام هيٺ آيل نويد جي پيءُ محمد نواز ، ديدار ، حبدار سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ، اغوا الزام هيٺ آيل نويد لنڊ جي ماءَ وحيده لنڊ جي اڳواڻي ۾ وارث عورتن پاران معصوم ٻارن سميت احتجاج احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو پهتيون ۽ دانهيو آهي ته وسيما تي مڙس شهباز تشدد ڪندو هو ، منهنجي پٽ نويد کي ورغلائي وسيما پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي ، جمع جي رات دير سان وسيمه جي وارثن آدم ، حسين ، محمد بخش لنڊ وارن گهرن ۾ گهڙي تشدد ڪيو ۽ اسان جي نياڻين ۾ هٿ وڌا آهن ، ۽ نويد کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ، وسيمه جي مائٽ پوليس ۾ آهن ، انهن مان جان ۽ عزت جو خطرو آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته نويد ۽ وسيمه جي زندگي بچائي کين هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.