دادو ويجهو زال ۽ مڙس جي موت بابت اهم اڳڀرائي: پيءُ تي قتل جو ڪيس داخل: گرفتار

0
25
دادو ويجهو زال ۽ مڙس جي موت بابت اهم اڳڀرائي: پيءُ تي قتل جو ڪيس داخل: گرفتار
دادو ويجهو زال ۽ مڙس جي موت بابت اهم اڳڀرائي: پيءُ تي قتل جو ڪيس داخل: گرفتار

دادو(رپورٽر) دادو ڀرسان ڳوٺ لونگ چھواڻ ۾ 2 مهينا اڳ شادي ڪندڙ مظھر چھواڻ ۽ سندس زال خوشبو جا گهر مان گوليون لڳل لاش ھٿ اچڻ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي سامھون اچي وئي آهي ، بيرحم پيء عباس چھواڻ پنهنجي 22 سالن جي نوجوان پٽ مظھر چھواڻ ۽ سندس زال 20 سالن جي خوشبو عرف خوشي کي پسٽل جون گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ، ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ مظھر کي 3 گوليون لڳل هيون هڪ پٺي ۾ کاٻي پاسي،  هڪ ساڄي ٻانهن ، هڪ گولي کاٻي ٻانهن جي ٺوٺ ۾ لڳل هيون،  خوشبو کي ڇاتي ۾ 2 گوليون لڳل هيون هڪ گولي ڇاتيء کان ھيٺ ۽ هڪ گولي ٻانهن ۾ لڳل ھئي ، اهڙي رپورٽ کان پوء جهلو ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ سب انسپپڪٽر الطاف سولنگي جي فرياد تي عباس چھواڻ خلاف اهڙي ايف آئي آر داخل ڪري ورتي آهي ۽ پوليس عباس چھواڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، پوليس ايف آئي آر. ۾ ڄاڻايو آهي ته قتل ڪيل مظھر ۽ سندس زال خوشبو مٿي ڪمري ۾ ستل هئا ته جوابدار کين پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيو ، واقعي کانپوء جوابدار عباس چھواڻ پوليس توڙي صحافين کي موقف ڏنو ھو ته سندس پٽ مظھر زال خوشبوء کي قتل ڪري پاڻ به خودڪشي ڪئي آهي

پوليس جوابدار کي پٽ ۽ ننهن جي تدفين بعد تڏي تان گرفتار ڪيو

دادو: جوابدار عباس چھواڻ،  پٽ مظھر ۽ ننھن خوشبو جي آخري رسمن ۽ تدفين ۾ گڏ هو ، تدفين کان پوءِ جھلو پوليس کيس تڏي تان گرفتار ڪيو

جوابدار پٽ کي خوشبو سان شادي ڪرڻ کان روڪيو هو

دادو: دادو جي ڳوٺ لونگ چهواڻ ۾ مظھر چھواڻ ۽ سندس زال خوشبو جي قتل واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته عباس چھواڻ پٽ مظھر کي خوشبوء سان شادي ڪرڻ کان روڪيو ھو ، پر مظھر پاران خوشبو سان شادي ڪرڻ تي سندس پيء عباس ڪاوڙيل هو 2 مهينن دوران پيء پٽ ۾ 4 کان 5  ڀيرا منهن ماري ۽ جهڙپون ٿيون هيون ۽ 23 جون تي عباس چھواڻ جو پٽ ۽ ننھن سان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تان عباس چھواڻ پٽ ۽ ننھن کي مارڻ جون ذمڪيون ڏنيون هيون