دادو ( رپورٽر ) دادو کان حيدرآباد ويندي ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل شاگرد تاج محمد پنهور جي پيء غلام مصطفي پنهور پاران هاء ڪورٽ حيدرآباد ۾ آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد ، ڊي جي رينجرز ۽ دادو ، ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي ايس ايس پيز خلاف داخل ڪيل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي ، ٻڌڻي دوران شاگرد جو پيء غلام مصطفي پنهور وڪيل گلزار عالماڻي سان گڏ عدالت پهتو ، ڊي ايس پي ڪوٽڙي ، ايس ايڇ او ڪوٽڙي ، ايس ايڇ او ڄامشورو ۽ رڪڻ ٿاڻي جو ايس ايڇ او عدالت ۾ پيش ٿيا ، اهلڪارن پاران عدالت ۾ شاگرد جي گمشدگي بابت لاعلمي جو اظهار ڪيو ، هاء ڪورٽ بينچ حيدرآباد ، پوليس اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته کنڀي گم ڪيل شاگرد تاج محمد پنهور جي واقعي جي سندس پيء جي فرياد تي ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي 16 جنوري تي مقرر  ڪئي ، عدالتي حڪم کانپوء کنڀي گم ڪيل شاگرد تاج محمد پنهور جي پيء غلام مصطفي جي فرياد تي ڄامشورو ٿاڻي تي گناھ نمبر 310/2024 ، قلم 365 پي پي سي تحت نامعلوم جوابدارن خلاف ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي ، ٻئي طرف شاگرد کي کنڀڻ خلاف ڪالھ 26 ڏينهن تي پڻ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي