دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ۾ سيپڪو ناانصافين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، شهر ۾ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف انجمن تاجران پاران سڀاڻي 30 اپريل تي شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ شديد گرمي دوران سيپڪو عملدارن پاران ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر دادو شهر ۾ بجلي جي بدترين لوڊ شيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، هر چئن ڪلاڪن کانپوء 15 کان 20 منٽ بجلي ڏني پئي وڃي، سيپڪو پاران دادو جي بخاري پاڙي، ٽلٽي، دادو سٽي جي فيڊر هڪ ، 2 ، 3 ، 4 ، 5 سميت 12 فيڊرن تي صبح جو 7 بجي کان مجهند جو هڪ بجه تائين بجلي بند ڪئي ٿي وڃي، جڏهن ته مجهند جو هڪ لڳي 20 منٽن کان شام جو 6 بجه وري بجلي بند ٿيو وڃي.6 لڳي و20 منٽن کان رات جو 11 بجه ۽11 لڳي 20 منٽڻ  کان رات هڪ بجه ۽ رات جو1 لڳي 20 منٽن  کان صبح جو 5 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو اهي، جنهن سبب سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي، اليڪٽرانڪ جو سامان ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو آهي، گهرن ۾ يو پي ايس بند ٿيڻ سان گڏ هزارين گهرن ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جڏهن ته مڪينڪ، ويلڊنگ جو ڪم ڪندڙ، درزين سميت سوين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن، بجلي جي اهڙي بدترين لوڊ شيڊنگ ڪرڻ خلاف انجمن تاجران پاران 30 ، اپريل تي ضلعي جي ننڍن، وڏن شهرن ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏيڻ کانپوء انجمن تاجران جي اڳواڻن گل حسن پنهور ، غلام نبي لغاري ، احمد خان زئونر ۽ ٻين هڪ هڪ دوڪاندار وٽ پهچي شٽر بند هڙتال جا پمفليٽ تقسيم ڪيا، انجمن تاجران جي اڳواڻن جو چوڻ آهي بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ رڳو شهري ۽ ڪاروباري علائقن ۾ آهي ، ڪرپٽ ، بي ايمان آفيسرن جي آفيسن ، بنگلن لاء ايڪسپريس فيڊر تي 20 ڪلاڪ بجلي سپلاء ڪئي پئي وڃي ۽ ايڪسپريس فيڊر تي 60 کان 70 سيڪڙو لائين لاسز جي باوجود به لوڊشيڊنگ کان آجو آهي ، لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي نه ڪئي ته 30 ، اپريل تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويندو.