دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) نيب ۾ وي آر ڪندڙ سعيد احمد بليدي کي هاءِ ويز کاتي دادو ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي پوسٽنگ ڏيڻ ۽ دادو هاءِ ويز کاتي ۾ 4 ارب جي ترقياتي اسڪيمن ۾ مبينا بيقائدگين جو چيف سيڪريٽري سنڌ نوٽيس ورتو، هاءِ ويز کاتي حيدرآباد جي چيف انجنيئر محمد ايوب جوڻيجو کي هٽائي سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو آڊر جاري ڪيو ويو آهي ، ان کان اڳ 4 ، ارب رپين جي اسڪيمن ۾ بااثر ٺيڪيدارن کي اسڪيمن بنا ڪم ڪرڻ جي هڪ ارب 75 ڪروڙ رپيا اڳواٽ ادائگيون ڪرڻ سان گڏ ڪال ڊپازٽ ٺيڪيدارن کي واپس ڪرڻ تي 5 ڏينهن اڳ ٽينڊر ڪلرڪ عبدالجبار شاھي کي معطل ڪيو ويو هو ، ساڳي وقت نيب کي وي آر ڪندڙ ھاءِ ويز کاتي جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر سعيد احمد بليدي پڻ ميڊيڪل جو جواز ڄاڻائي موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، هاء کاتي دادو ۾ مئي سال 2024 ۾ ٿيندڙ 4 ارب رپين جي 180 ترقياتي اسڪيمن تي دادو جي بااثر ٺيڪيدارن کي بنا ڪم ڪرڻ جي هڪ ارب ، 75 ڪروڙ روپين جي ايڊوانس ادائگي وارو معاملو شدت اختيار ڪري ويو آهي ، جوهي جي شهري نادر حسين پنهور ۽ خيرپور ناٿن شاھ جي رهواسي محمد عرس پنڙ جون ڌار ڌار سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ سان گڏ پٽيشنرن پاران هاء ويز کاتي جي انجنيئر سعيد احمد بليدي پاران نيب کي 2014 ۾ 19 لک 57 هزار 383 رپين وي آر ڪرڻ جا دستاويزي ثبوت دادو جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي ورڪس اينڊ سروس کاتي جي سيڪريٽري پاران اهڙي رپورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھه حوالي ڪئي، جنهن تي چيف سيڪريٽري پاران هاء ويز کاتي حيدرآباد جي چيف انجنيئر محمد ايوب جوڻيجو کي ھٽايو آهي ، ٻئي طرف هاء ويز کاتي دادو جي اعتبار جوڳن ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته 4 ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم پڻ دادو پهچي 4 ، ارب رپين جي 180، اسڪيمن جو جائزو وٺڻ سان گڏ ڦوٽيجز ڪيا ۽ هاءِ ويز کاتي مان اڳواٽ ادائگين جو رڪارڊ حاصل ڪري ڪراچي رواني ٿي وئي آهي.
ايگزيڪيوٽو انجنيئر سعيد بليدي نيب سان وي آر ڪري چڪو
دادو : ڪجھ مهينا اڳ هاءِ ويز کاتي دادو ۾ مقرر ڪيل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سعيد احمد بليدي سال 2014ع ۾ لاڙڪاڻو جي پراڻو ديرو ۾ اسسٽنٽ انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪرپشن جي هڪ ڪيس ۾ نيب کي جولاءِ آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2014ع، ٽن قسطن ۾ 19 لک 57 هزار 383 رپين جي رقم ادا ڪئي ، جنهن جي باوجود ورڪس ڊپارٽمينٽ پاران کيس اسسٽنٽ انجنيئر مان ايگزيڪيوٽو انجنيئر جو پروموشن ڏئي کيس ڪجھ مهينا اڳ هاء ويز کاتي دادو ۾ پوسٽنگ ڏني وئي جنهن جو قصور وار هاء ويز کاتي جي چيف انجنيئر محمد ايوب جوڻيجو کي قرار ڏئي هٽايو ويو آهي. هوڏانهن هاء ويز کاتي دادو ۾ 4 ، ارب رپين 180، اسڪيمن ۾ ٿيل بيقائدگين تي چيف انجنيئر کي هٽائڻ ، ٽينڊر ڪلرڪ کي معطل ڪرڻ ۽ انجنيئر جي موڪل تي وڃڻ سبب ٺيڪيدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ، 180 ، اسڪيمن جا ٺيڪا حاصل ڪندڙ ٺيڪيدارن هر هڪ ٺيڪي تي سگهارين شخصيتن کي 15 ، پرسنٽ ڪميشن ڏئي ٺيڪا ورتا هئا ، مٿان وري انجنيئر سعيد احمد بليدي دادو هاءِ ويز ۾ مقرر ٿيڻ بعد ٺيڪيدارن کان 15 ، پرسنٽ الڳ ڪميشن وٺڻ جا اطلاع آهن، ٺيڪيدارن ان ڳڻتي ۾ پئجي ويا آهن ته جيڪڏهن اسڪيمن تي ڪم ڪرايا ويا ته هو رقم ڪٿان ڀريندا.
|
180اسڪيمن تي ڪم نه ٿيڻ جي باوجود 20 ڪروڙ جي ڪال ڊپازٽ ۾ وڏي پيماني تي بيقائدگيون
دادو : هاءِ ويز کاتي دادو ۾ 4 ، ارب رپين جي 180، اسڪيمن تي ڪم نه ٿيڻ جي باوجود ٺيڪيدارن جي جمع ٿيل 20 ڪروڙ رپين جي ڪال ڊپازٽ ۾ وڏي پيماني تي بيقائدگيون ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا آهن ، هاء ويز کاتي جي اعتماد جوڳن ذريعن موجب انجنيئر سعيد احمد بليدي ۽ معطل ڪيل ٽينڊر ڪلرڪ عبدالجبار شاهي 7 کان 10 ، پرسنٽ ڪميشن عيوض 12 ڪروڙ رپين جون ڪال ڊپازٽ ٺيڪيدارن کي واپس ڪيون آهن.