دادو(رپورٽر ) دادو هاءِ ويز ۾ هٽايل ڪلارڪ جي مبينا مداخلت سبب ڪروڙن جا ٽينڊر نه کلي سگھيا. ان ڏس ۾ دادو هاءِ ويز کاتي ۾ 85 ڪروڙ رپين جي 109 ترقياتي اسڪيمن جا ٽينڊر 10 ڊسمبر تي ڪرپشن ڪيس ۾ هٽايل ٽينڊر ڪلارڪ جبار شاهي جي مداخلت سبب کلي نه سگهيا آهن. ٺيڪيدارن پاران هٽايل ٽينڊر ڪلارڪ جي مداخلت سبب ٽينڊرن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. ٺيڪيدارن جاويد سولنگي فاروق احمد دانيال ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي مالڪ ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته ظلم جي انتها ٿي وئي آهي، سسپينڊ ٿيل ٽينڊر ڪلارڪ جبار شاهي ڪاروھنوار هلائڻ لڳو آهي، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروس 10 ڊسمبر تي ٺيڪيدارن کان ڪال ڊپازٽ جي مد ۾ پيسئا وٺڻ ۽ پنهنجي ڀائٽي سهيل شاهي ۽ نياڻي ذيشان ميمڻ جي ڪمپنين تي 99 ڪروڙ روپين جا ٺيڪا کڻڻ جي الزام هيٺ جبار شاهي کي سسپنڊ ڪري ڪراچي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو ان جاء تي فتح محمد ملڪاڻي کي مقرر ڪيو ويو هو پر اڄ ٽينڊرن جي ڏينهن ٽينڊر ڪلارڪ فتح محمد ملڪاڻي کي ڪم نه ڪرڻ ڏنو ويو ذريعن موجب سسپينڊ ٿيل ٽينڊر ڪلارڪ جبار شاهي سمورو ڪاروھنوار هلايو رهيو آهي، هنن چيو ته ھتي ان ماڻهو کي فرنٽ مين تي ويهاريو ويندو آهي جيڪو ڪرپشن جو ماهر آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جيسيتائين سسپينڊ ٿيل ٺيڪيدار کي آفيس مان نيڪالي نه ٿي ڏني وڃي، تيسيتائين اسان جو احتجاج جاري رکيو ويندو.