دادو (رپورٽ : فتاح شيخ) دادو هاءِ وي کاتي ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ ايندڙ اربين رپين جي فنڊن ۾ وڏي پيماني تي بيقاعدگين جو انڪشاف، ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر دادو شهر کنڊر بڻيل، ذريعن موجب ڊسٽرڪٽ هاءِ وي ۾ اپريل ۽ مئي 2024 ۾ دادو، ميهڙ ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي ۾ 4  ارب رپين جي 180 اسڪيمن جي بڊ نه سيپرا جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وئي نه ئي اخبارن ۾ ٽينڊر شايع ڪرايا ويا،  هاءِ وي انجنيئر سعيد احمد بليدي ۽ ٽينڊر ڪلرڪ عبدالجبار شاهي سموريون اسڪيمون من پسند ٺيڪيدارن حوالي ڪري ڇڏيون، 6 کان 7 مهينا گذرڻ باوجود 100 کان وڌيڪ اسڪيمن تي ڪو به ڪم نه ٿيڻ جي باوجود اين آءِ ٽي 35، جي 24، اسڪيمن تي ٺيڪيدارن کي مڪمل 30 ڪروڙ رپين جي ايڊوانس ادائگي ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح اين آءِ ٽي 49، جي 19، اسڪيمن تي پڻ ٺيڪيدارن کي سموري رقم 24 ڪروڙ روپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي، ڊسٽرڪٽ هاءِ وي جي 5، اين آءِ ٽيز ۾ 4 ارب روپين جي 180، اسڪيمن تي 2 ارب رپين جون ادائگيون ڪيون ويون آهن جن ۾ اي ڊي پي ۽ سيف جون اسڪيمون پڻ شامل آهن، ذريعن موجب 180 اسڪيمن مان ڪا به اسڪيم مڪمل نه ٿي سگهي آهي، ڪيتريون ئي اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن. ذريعن موجب ڊسٽرڪٽ هاءِ وي توڙي پراوشنل هاءِ وي ۾ ترقياتي ڪم لاءِ هر سال اربين رپين جا فنڊ اچڻ باوجود ڪٿي به ڪم نظر نه ٿو اچي، دادو-ڦلجي اسٽيشن، دادو-موندر، دادو – مراد آباد ، رڪڻ ، دادو ، ٻٽڙا سميت ڪيترائي لنڪ روڊ اکڙيل آهن، جن تي سالن کان ڪو به مرمتي ڪم ناهي ٿيو، پر رڪارڊ ۾ انهن لنڪ روڊن جي مرمت تي ڪروڙين رپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن، دادو جي سڄاڻ ڌرين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ نيب کان نوٽيس وٺي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي .

15 سالن دوران ترقياتي اسڪيمن لاءِ آيل 75 ارب رپيا ضلعي اندر ترقياتي ڪمن تي خرچ نه ٿيا

دادو: دادو ضلعي ۾ 15 سالن دوران پراوشنل هاءِ وي، ڊسٽرڪٽ هاءِ وي، پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 75 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ آيا پر دادو، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا، شهرين پاران مختلف وقتن تي احتجاج ڪيا ۽ نيب کي دستاويزي ثبوت پيش ڪيا، جنهن تي اينٽي ڪرپشن ڊسٽرڪٽ هاءِ وي، پراوشنل هاءِ وي، پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتا پر سالن جا سال گذرڻ باوجود ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه آئي.

عوامي فورم پاران ڊسٽرڪٽ هاءِ وي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

دادو: عوامي فورم جي عاشق زنئور ، فاروق احمد ملڪ ۽ ٻين اڳواڻن پاران ڊسٽرڪٽ هاءِ وي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ عدالت ۾ به پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر دادو شهر جون 50 کان وڌيڪ ڪالونيون ڊرينيج ۽ روڊ رستن کان محروم

دادو: ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر دادو شهر جون 50 کان وڌيڪ ڪالونيون ڊرينيج، روڊن، رستن کان محروم بڻيل آهن، ذوالفقار، تاج، جيلاني، مرکپور، ماروي، شهباز ڪالوني، ورڪشاپ سميت 50 ڪالونين ۾ 20 سالن کان ڪو به ڪم نه ٿيو آهي ، ڊرينيج سسٽم نه هئڻ ڪري پاڙن ۽ ڪالونين جو سڄو نيڪر خالي پلاٽن ۾ هئڻ ڪري هزارين جڳهون سيڪ جي ور چڙهڻ سبب تباهه ٿي رهيون آهن،  برساتون پوڻ جي صورت ۾ شهري وڏي عذاب کي منهن ڏيڻ تي مجبور هوندا آهن، شهر جا روڊ، رستا اکڙيل شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ڄاڻايل پاڙن ۽ ڪالونين جي رهواسين پاران چونڊيل نمائندن آڏو شڪايتون ڪرڻ سان گڏ روڊن، رستن تي نڪري احتجاج پڻ ڪيا ويا آهن پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو  آهي.