دادو(رپورٽر) ٿرڙي جادو شهيد جي ڳوٺ ميوو چانڊيو جي رهواسڻ پيرسن عورت نواب زادي چانڊيو پنهنجي نافرمان پٽ خلاف دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته نافرمان پٽ ڍولڻ چانڊيو ، پوٽن ۽ ننهن مون مٿان وحشياڻو تشدد ڪري زخمي ڪري گهران ڪڍي گهر ۽ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ، هن چيو ته سندس ڌي لطيفان ڇڏائڻ آئي ته ان تي نافرمان پٽ ، پوٽن ۽ ننهن پڻ سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي ، جڏهن ته پيرسن عورت جسم تي تشدد جا نشان ڏيکاريندي اکين مان لڙڪ لاڙيندي چيو ته 4 ڏينهن کان ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان ، پر پوليس مونکي ۽ ڌيءُ لطيفان کي زخمي ڪندڙ پٽ ۽ پوٽن خلاف ڪا به قانوني ڪاروائي نه ٿي ڪري ، مجبور ٿي ايس ايس پي وٽ به دانهن کڻي آيس پر آفيس وارن ايس ايس پي سان ملڻ نه ڏنو ، پيرسن عورت آءِ جي سنڌ ،  ڊي آءِ جي حيدرآباد ، ايس ايس پي دادو سميت انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته ۽ تشدد ڪندڙ نافرمان پٽ ۽ ٻين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري گهر تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪرايو وڃي .