دادو(رپورٽر ) دادو ۾ ڪڻڪ جي واپار ۾ مل مالڪ جمشيد پاران وياج جا پيسا ڏيڻ کان انڪار تي بااثر شهزاد چنو پاران پنهنجي فارم هائوس تي قيد ڪرڻ وارو معاملو خدا آباد ۽ بي سيڪشن ٿاڻي پوليس پاران حد بندي جو بهانو ڪري بااثر خلاف ڪيس داخل کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مل مالڪ جمشيد ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن جج دادو جي عدالت ۾ داخل ڪيل 22 ، اي بي جي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته شهزاد چنو پئيسن جي ڏيتي ليتي تان گهران اغوا ڪري فارم هائوس تي قيد ڪيو، کيس پوليس ڇاپي بعد آزاد ڪرايو ويو ، هاڻ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سيشن جج دادو جي عدالت درخواست ٻڌڻ لاءِ فورٿ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪئي آهي ، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج 13 مئي تي ڊي ايس پي ڪمپلين سيل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .