دادو (رپورٽر) دادو ڀرسان مبينا پوليس مقابلن ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، ٻئي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران گلڻ پٽ عبدالله پنهور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو،   ايس ايس پي دادو سميع الله سومرو موجب  ڦلجي اسٽيشن لنڪ روڊ تي شير محمد سولنگي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان 3 ، ڏوهاري ڏوھ جي ارادي سان بيٺا هئا، جن گشت ڪندڙ پوليس تي سڌي فائرنگ ڪئي.، جوابي فائرنگ ۾   ڏوهاري گلڻ پنهور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، ٻي طرف   اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او بينظير جمالي جو چوڻ هو ته  گشت دوران ڏوھ جي ارادي سان بيٺل 3 هٿياربندن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند مارجي ويو آهي ، مارجي ويل هٿياربند جا 2  ساٿي ڀڄي ويا آهن ، مارجي ويل جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو ، پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.