دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ۾ عيدالاضحي جي موقعي تي قرباني لاءِ تيار ڪيل وهڙا، گابا، پاڏا، ڇيلا پڙي آندا ويا، پڙي ۾ وڏي تعداد ۾ تيزي رهي، باءِ پاس ٻرڙا شاخ وٽ مال پڙي لڳائي وئي، دادو، نوشهرو فيروز، نوابشاھه، ڄامشورو ضلعن جي مختلف شهرن مان اعليٰ نسل جا وهڙا، گابا، پاڏا ۽ ڇيلا آندا ويا، ڪراچي، حيدرآباد جي واپارين دادو جي مال پڙي ۾ قرباني جا سوين جانور خريد ڪيا ويا، جيڪي وڏن ٽرالر ، ٽرڪون ڀري ڪراچي ۽ حيدرآباد کڻي ويا آهن، جنهن سبب دادو جي پڙي ۾ تيزي وارو رجحان رهيو ، دولتپور کان واحد بخش اعليٰ نسل جا وهڙا آندا جن مان هڪ وهڙي جو ملھ 6 لک رپيا لڳايو ويو، جيڪو 5 لک 75 هزار رپين ۾ ڪراچي جي واپاري خريد ڪيو ، ڀان سعيدآباد جي رياض احمد جمالي 2 ، وهڙا آندا جن جو ملھ 12 لک رپيا مقرر ڪيو ، واپارين 8 لک رپيا ڏيڻا ڪيا پر هن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ، اهڙي طرح پاڏن جو ملھ به 2 لک کان 5 لک لڳايا ويو ۽ وڪرو به ٿيا.
پڙي ۾ ٻاڙائي آهي، مالوندن ٻيڻ تي اگهه مقرر ڪيا آهن: واپاري
دادو: جوهي جي علي پنهور سميت مختلف شهرن جي واپارين جو چوڻ هو ته پڙي ۾ ٻاڙائي آهي، مالوند ماڻهن قرباني جي جانورن جا ملھ خريداري جي پهچ کان ٻيڻ تي رکيا آهن، رياض جمالي، گل حسن مغيري ۽ ٻين مال وندن چيو ته چارو مهانگو آهي، ٻن سالن تائين قرباني جي جانورن کي پاليون ٿا، ڪڻڪ جو ڏارو، ڪڻڪ جي ڇل، سرنهن جي کڙ، ديسي گيھه به کائيندا آهيون، پر ملھ ايترو نه ٿو ملي. مالوندن، واپارين ۽ خريدارن جون ٺيڪيدار خلاف دانهون دادو: ميونسپل جي نگراني ۾ لڳايل مال پڙي ۾ ٺيڪيدار به مالوند، خريدارن توڙي واپارين کان رڙيون ڪڍائي ڇڏيون آهن، رياض جمالي، دين محمد، افضل ۽ گل حسن مغيري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پڙي ۾ جانور آڻيون ٿا ته مقرر سرڪاري اگھه کان چئوڻ، پنجوڻ تي وڌيڪ مال پڙي ورتي وڃي ٿي. سڄي سنڌ ۾ سنڌ سرڪار وڏي ڍور تي 250 رپيا ، ڇيلن تي 100 رپيا في مقرر ٿيل آهي.
|