دادو لڳ سيپڪو گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي عورت فوت، لاش رکي 10 ڪلاڪ ڌرڻو

0
24
دادو لڳ سيپڪو گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي عورت فوت، لاش رکي 10 ڪلاڪ ڌرڻو
دادو لڳ سيپڪو گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي عورت فوت، لاش رکي 10 ڪلاڪ ڌرڻو

دادو(رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ پريل زئنور ۾ سيپڪو ملازمن ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڇڪتاڻ دوران سيپڪو جي گاڏي مٿان چڙهڻ سبب زخمي ٿيل عورت حضوران زال محراب زئنور جي فوت ٿيڻ کانپوءِ عاشق علي زئنور، عبدالڪريم زئنور ، فرمان علي ۽ محراب زنئور جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن عورت جو لاش دادو باءِ پاس، ڄامشورو ، لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي رکي مسلسل 10 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، مظاهرين پاران مسلسل سيپڪو عملدارن خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا، اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ، ڊي ايس پي سٽي محمد صادق اوڍو ڌرڻي واري هنڌ پهچي عورت جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون، عورت جي وارثن مطالبو رکيو ته پهريان سيپڪو جي ملوث ملازمن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي پوءِ هو ڌرڻو ختم ڪندا، جنهن تي ڊي ايس پي دادو مظاهرين کي چيو ته توهان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن جج جي عدالت ۾ 22 اي بي جي درخواست داخل ڪئي آهي، ٻڌڻي رکيل آهي، اسان عدالت ۾ عورت جي فوت ٿيڻ جي رپورٽ پيش ڪنداسين، عدالت جي فيصلي اچڻ کان اڳ ايف آءِ آر ڪيئن داخل ڪيون  ڌرڻو ختم ڪيو، عدالت آرڊر نه به ڪيو ته پوءِ توهان جي ايف آءِ آر داخل ڪنداسين، اهڙي خاطري کانپوءِ ڳوٺاڻن پاران هنيل ڌرڻو ڪري ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ عورت جي تدفين ڪئي وئي آهي، ڳوٺاڻن دانهيو آهي ته 29 جنوري تي سيپڪو ملازمن ڳوٺ پريل زئونر جو ٽراسفارمر لاٿو ان کانپوءِ سندن گهرن تي چڙهي تارون ڪٽيون جنهن تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ سيپڪو ملازمن پنهنجي تيز رفتار گاڏي مسمات حضوران جي مٿان چاڙهي سخت زخمي ڪيو جيڪا رات سيوهڻ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي، جيڪڏهن پوليس سيپڪو ملازمن خلاف ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ته ٻيهر ڌرڻو هڻندا، ٻئي طرف 10 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪرڻ سبب دادو کان ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ڪوچون، ڪوسٽر، وينون، ڪارون، ٽرڪون، ٽرالر قطارن ۾ بيهي ويا ۽ مسافرن ۽ ڊرائيورن کي سخت پريشانين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو.