دادو لڳ تاريخي دُٻي قبرستان تي قبضو، عورت جو لاش دفنائڻ کان روڪي ورتو، جهيڙو، فائرنگ

0
22
دادو لڳ تاريخي دُٻي قبرستان تي قبضو، عورت جو لاش دفنائڻ کان روڪي ورتو، جهيڙو، فائرنگ
دادو لڳ تاريخي دُٻي قبرستان تي قبضو، عورت جو لاش دفنائڻ کان روڪي ورتو، جهيڙو، فائرنگ

دادو(رپورٽر) دادو لڳ ڳوٺ دٻي جي تاريخي قبرستان ۾ علائقي واسين وچ ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان در محمد لنڊ جي فوت ٿيل ماءُ جو لاش دفنائڻ لاءِ قبرستان پهتا ته محمد پريل لنڊ ڌر جي ماڻهن قبرستان کي لوڙهو ڏئي ڇڏيو ۽ عورت جو لاش دفنائڻ کان روڪي ورتو، ڌرين ۾ 2 ڪلاڪن تائين ڇڪتاڻ هلندي رهي، انهيءَ دوران عورت جو لاش دفنائڻ لاءِ آيل وارثن تي مخالفن فائرنگ ڪئي ۽ لاش جي بي حرمتي ڪئي. اهڙي اطلاع تي اميناڻي ۽ دادو پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي جنهن کانپوءِ پوليس جي موجودگي ۾ قبرستان کي ڏنل لوڙهو پٽي فوتي عورت جو لاش دفنايو ويو. اي سيڪشن ٿاڻي تي فوتي عورت جي پوٽي ساجد پٽ در محمد جي فرياد تي محمد پريل، صيفل، جلال، احسان لنڊ، شاهد، زاهد لنڊ سميت 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇاپا هڻي هڪ جوابدار شاهد علي لنڊ کي گرفتار ڪيو ويو آھي. فوتي عورت جي پٽ در محمد ۽ پوٽي ساجد علي جو چوڻ آهي ته قبرستان قديمي آهي، جتي ڪڏهن به ڪو مسئلو ناهي ٿيو، ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي هن قبرستان ۾ فوت ٿيندڙن جي تدفين ڪندا آهن، هاڻي محمد پريل لنڊ وارا چون ٿا ته هو قبرستان جي زمين کڻت ۾ کڻي آيا آهن، ان ڪري هو ڪنهن کي به لاش دفنائڻ نه ڏيندا.

ڳوٺ دٻي ۽ تاريخي قبرستان سروي نمبر 244 سميت 3 سروي نمبرن ۾ شامل

دادو:  دادو جي تاريخي ڳوٺ دٻي ۾ پيل سرڪاري زمين سروي نمبر 244 سميت 3 سروي نمبرن ۾ ڳوٺ دٻي ۽ دٻي جو تاريخي قبرستان شامل آهي ، اها 5 ، ايڪڙ زمين بنا سروي ڪرائڻ جي 1990 ۾ لنڊ برادري جي بااثر روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان کڻت ۾ کنئي هئي جنهن تان گذريل 4 سالن کان تڪرار شروع ٿي ويو آهي ، مختلف وقتن تي دٻي ۾ کڻت واري زمين خالي ڪرڻ گهر ڊاهڻ ۽ قبرستان جي پيل ايراضي تي پڻ والار نه ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ، ڪجھ ڏينهن اڳ اهڙا نوٽيس ملڻ خلاف سيد گل شاھ عيوضاڻي ، سيد خادم شاھ جي اڳواڻي ۾ دٻي جي سيدن احتجاج پڻ ڪيو هو ته ڳوٺ دٻي ۽ دٻي قبرستان پاڪستان جي قيام کان اڳ جا آهن جنهن جو رڪارڊ وٽن موجود آهي ۽ هو اهڙي کڻت خلاف جلد ڪورٽ ۾ اپيل داخل ٿيل آهي.